اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظا?? ۾ ??بقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون و??ن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون و??ن، ڪورونا جي صورتحال ??ي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعليمي نظا?? ۾ ??ڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال ??ي ڏس ۾ تعليم جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.