اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده تازي صورتحال ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن ??اب?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين س?? او سي موجب منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي و??ير اسد عمر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. فورم هيستائين جي اڳڀرائي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو ??نڪ ذريعي شرڪت ڪئي.