اس??ام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احت??اط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عا??مي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئ??ن قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئ??ن پاڻ ذاتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد توهان سان مخاطب ٿيندس.