اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي بر??بر هوندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارمان بر??اد ٿي ويا. راولپ??ڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته بنگلاديش جي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.