اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي جي صحيح کانپوءِ ڇنڇ?? ڏينهن قانون واري وزارت نيب ترميمي آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن کي قومي احتساب ٻيو ترميمي آرڊيننس 2019ع جو نالو ڏنو ويو آهي، گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا نيب ترميمي آرڊيننس 2019ع جي سرڪيوليشن سمري وسيلي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي به آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، نيب ترميمي آرڊيننس صدر جي صحيح کانپوءِ لاڳو ٿي ويو آهي