اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان واقعي جي پرزور مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ مارجي ويل پورهيتن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعز?? آهيون، دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چي?? ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، وفاقي حڪومت شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظ?? واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.