اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته 2024ع جو ??ال پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو ??ال رهيو، معيشت کي پاڻڀرائيپ جي پٽڙي تي وجهندي 2025ع جي شروعات تي مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، نئين عيسوي سال 2025ع جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پوري قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪندي دعا ڪئي ته 2025ع جو ??ج اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اڀري، نئين سال ۾ اسان گذريل سال جي پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل زندگين جي غلطين کي سڌاري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي شروعات ڪريون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته 2024ع ۾ دنيا کي جن معاشي، سياسي ۽ امن امان جا بحران درپيش رهيا، نئين سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته نئون سال پاڪستان سميت پوري دنيا مان بک، جنگ، دهشتگردي، ڏوهن، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورڇ جي خاتمي جو ??ال ثابت ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع جو ??ال اسان جي پياري پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو ??ال هو، 2024ع دوران اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا، عالمي مالياتي ادارن پاڪستان تي پنهنجي اعتماد جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته سال 2024ع ۾ دوست ۽ ڀائر ملڪن سان اربين رپين جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته اسان باضابطا طور تي قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان ”اڏار پاڪستان“ جاري ڪري ڇڏ??و آهي. اڏار پاڪستان اصل ۾ معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيڻ، جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منهنجي حڪومت جو ??زم آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته اسان 2025ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ معيشت کي پاڻڀرائپ جي پٽڙي تي وجهي ڇڏ??و آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان هڪ مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جو ??زم ڪريون ٿا. هن چيو ته 2024ع جو ??ال فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي حوالي سان بدترين سال رهيو جنهن ۾ اسرائيلي قابض فوج ظلم جا اهي داستان لکيا جن جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙي طرح ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا مظلوم ڀائر ۽ ڀينر ڀارتي قابض فوج جي ڏاڍ جو ??ڪار رهيا. هن ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته 2025ع ۾ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع ۾ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن شهادت ماڻي، جن جون قربانيون قوم تاحيات ياد رکندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام جي آخر ۾ چيو ته اچ??! نئين سال جي شروعات ۾ اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هن ملڪ جي حفاظت ۽ تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ??ت پگهر هڪ ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته 2025ع اسان جي قوم جي لاءِ خوشقسمتي ۽ بي پناهه خوشين جو ??ال هجي.