اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ??رڪ??ري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار ??رڪ??ري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ??رڪ??ري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار ??رڪ??ري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آه??. و??يراعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت ق??نو??ي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري ق??نو??ي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ ق??نو?? ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئ??ن ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئ??ن ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو ق??نو??ي رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئ??ن ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئ??ن ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف ق??نو??ي ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ق??نو??سازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.