اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ??ياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نياڻين کي معياري ۽ هڪجهڙن تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ جامع قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف نياڻين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ??لڪن جي تعليم واري و??يرن سان ??لاقات جي موقعي تي ا??هن جي آجيان ڪندي چيو ته نياڻين جي تعليم واري پروگرام ۾ شرڪت تي ا??هان جو ٿورائتو آهيان، هي ڪانفرنس وقت جي ا??م ضرورت آهي. هن چيو ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ??اڪستان کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي آهي. هن چيو ته 22.8 ملين ٻار اڃان تائين اسڪول کان ??اهر آهن، جن ۾ نياڻين جي اڪثريت آهي. پاڪستان جا سمورا صوبا ۽ ٻيا علائقا ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي حوالي سان جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ڪن سببن جي بنياد تي اسڪولن ۾ نياڻين جي داخلا هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته نياڻين جي تعليم جي هدايت اسان جي نبي ڪريم صلي ا??له عليه وآله وسلم به ڪئي. ان تعليم جي روشني ۾ اسان جي حڪومت ٻين ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان ??نهنجا تجربا شيئر ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ سان ??ياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ملڪن جي و??يرن سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو تعارف ڪرائيندي چيو ته نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سندس پوري ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن کي مدد به فراهم ڪري رهي آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي هڪ اهم موقعو آهي ته اسان ??نهنجي لاڳاپن کي وڌائي ا??هن کي استحڪام ڏيون. تعليم واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر مقبول صديقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ منعقد ڪرڻ جي حوالي و??يراعظم جي ڪردار تي پنهنجي ۽ پنهنجي پوري ٽيم کانسواءِ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن طرفان به ٿورو مڃيو. ترڪيه جي تعليم واري و??ير ڪانفرنس ڪرائڻ تي و??يراعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ سان ??ياڻين جي تعليم جي حوالي سان ??اڪاري پروپيگنڊا جو به ازالو ٿيندو ۽ نياڻين جي مٽاسٽا جي شرح ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ شريڪ صوماليه جي و??ير پنهنجي تعليم دوران ??اڪستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پوري عالم اسلام ۽ خاص ڪري صوماليه ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ??سئلا آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ به ٻارن جو وڏو انگ اسڪولن کان ??اهر آهي، مان ??ين ملڪن جي تجربن مان ??ائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان. هن چيو ته مسلم امت جي حوالي سان ??اڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ڪرغزستان جي تعليم واري و??ير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس ۽ ان جي ا??جنڊا انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن مسلم ملڪن لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ۽ اسان سڀني ملڪن کي ا?? مان ??ائدو کڻڻ گهرجي. ملائيشيا جي تعليم واري و??ير چيو ته پاڪستان جي و??يراعظم، تعليم وارو وفاقي و??ير ۽ رابطا عالم اسلامي ا??م ڪانفرنس ڪرڻ تي مبارڪن جا حقدار آهن. هن چيو ته هي ڪانفرنس تعليم ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موجوده حالتن ?? نياڻين جي تعليم وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، هن ڪانفرنس کي و??يراعظم جي خطاب کي به ساراهيو. مالديپ جي تعليم واري و??ير شميم علي سعيد ڳالهائيندي چيو ته مان ??اڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. گمبيا جي تعليم واري و??ير پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي ڪانفرنس نياڻين جي تعليم جي حوالي سان انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جي بندوبست سان تعليم جي حوالي سان ??سلم امت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مالديپ جي ڊاڪٽر احمد عديل اخير ڪانفرنس تي و??يراعظم، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو ته دنيا ۾ اسلام جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان ??ميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ڪانفرنس به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪريان ??و، هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس کي خطاب ۾ هدفن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ??ين ملڪن سان سهڪار جا خواهشمند آهيون. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.