اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شهيد محت??مه بينظير ??ٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ??ٽو ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هميشه ه?? المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه بينظير ??ٽو شهيد جي 17 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ??ٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مخالف ڌر جي پهرين عورت اڳواڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ??ٽو جرئتمندي سان غير جمهوري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏکيائيون برداشت ڪيون، هن هارين، مزدورن ۽ پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، شهيد محت??مه جي شهادت سان ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چيئرمين بلاول ??ٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محت??مه بينظير ??ٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ??ٽو ۽ شهيد محت??مه بينظير ??ٽو جي نظريي تي عمل ڪري ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.