اسلام آباد – 26 – ??سم??ر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 2024ع پاڪستان جي سفارتڪاري جي لاءِ هڪ فعال سال رهيو، اسان ??ون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال دوران آذربائي??ان?? بيلاروس، بيلجيئم، چين، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، قازقستان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ برطانيا سان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي جنهن سان انهن ملڪن سان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائي??ان?? چين، مصر، قازقستان، قطر، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائي??ان?? بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چيو ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪ??و. هن چيو ته پاڪستان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزباني پڻ ڪئي. آذربائي??ان?? بيلاروس، چين، ايران، قازقستان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، تاجڪستان، ازبڪستان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چين، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وزيرن پاڪستان جو دورو ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري جنرل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال دوران پاڪستان جا دورا ڪيا.