اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادر جوانن آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ جي ضلعن ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته آوارن ۾ 3 انتهائي گهربل دهشتگردن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌ?? ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، حڪومت ملڪ ما?? دهشتگردي جي مڪ??ل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهي.