اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 2022ع کان معيشت جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي.اهڙو اظهار هن رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انتظام هيٺ قومي پيداواريت، معيار ۽ جدت سمٽ 2024ع کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڪيو. ٻن ڏينهن واري هي سمٽ پيداواريت، معيار ۽ جدت جي ذريعي ترقي جي موقعن جي عنوان ??ان منعقد ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان کي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي وارو ماحول بڻائڻ لاءِ پيداواريت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پا??ستان ٺهڻ کان??وء?? محدود وسيلن باوجود ڪيتريون ئي منزلون پار ڪيون آهن. ا??ان ستين ايٽمي طاقت آهيون ۽ جديد جهاز به تيار ڪري رهيا آهيون، پر ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون.احسن اقبال ياد ڏياريو ته 1980ع ۾ پا??ستان جي في ڪس آمدني چين کان وڌيڪ هئي، پر اڄ بنگلاديش ۽ ڀارت ا??ان کي اقتصادي ترقي ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هي فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي ته ا??ان ايندڙ 30 سالن ۾ هڪ ڪامياب قوم طور سامهون اينداسين يا نه، هن 2013ع ۾ شروع ڪيل ويزن 2025ع جو ذڪر ڪندي چيو ته ان منصوبي تحت ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويو ۽ دنيا پا??ستان کي مستقبل جي هڪ وڏي معيشت طور تسليم ڪيو، تنهن هوندي به 2018ع جي حڪومت ترقياتي منصوبن خاص ڪري سي پيڪ کي نقصان پهچايو جنهن ??ان معيشت جي رفتار سست ٿي وئي. هن چيو ته 2022ع ۾ معيشت جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ا??ان کي سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پيداواريت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻ ??ان روانگي واپار کي 30 ارب ڊالرن کان وڌائي 100 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. احسن اقبال اعلان ڪيو ته وزيراعظم جلد ئي فائيو ايز فريم ورڪ متعارف ڪرائيندو، جيڪو سمورن شعبن ۾ ترقياتي اصولن کي هٿي ڏيندو. پا??ستان هڪ منفرد طاقتور ملڪ آهي، ا??ان کي پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيارڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻي پوندي. رٿابندي واري سيڪريٽري اويس منظور سمرا چيو ته پيداواريت رڳو محنت جو نالو ناهي پر هوشياري ??ان ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، ا??ان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جو سيمينار حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ا??ان معيشت کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هي سمٽ ماهرن، صنعتڪارن ۽ پاليسي سازن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم ثابت ٿيو جتي هن نظرين جي مٽاسٽا ذريعي پا??ستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.