اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ صدر آپريشن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن امان خراب ڪرڻ ج?? هرگز اجازت نه ڏينداسين، پوري قوم بلوچستان جي امن ۽ ا??تحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهي ٿي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ ج?? عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.