اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس ۾ شريڪ علائقائي اڳواڻن خطي جي صلاحيت ۽ امڪانن خاص طور تي واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تع??ون ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي?? سي او جي حڪومتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئي. اجلاس ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن وار?? ڪابينا جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، اي??ان جي واپار واري وزير سيد محمد عطا بيڪ ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسر??يا ۽ ترڪمانستان جي نائب وزيراعظم راشد مريدوف پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا. چين جي وزيراعظم لي چيانگ پنهنجي خطاب ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) تحت گڏيل تع??ون کي فروغ ۽ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اسٽريٽجڪ صف بندي کي مضبوط ڪرڻ، وڏن خطرن جو فعال جواب ڏيڻ ۽ گڏيل مٽاسٽا کي وڌائڻ تي زور ڏنو. روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن اي?? سي او ملڪن جي وچ ۾ گڏيل معاملن ۾ قومي ڪرنسين جي استعمال ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ملڪ ايندڙ سال اي?? سي او جو اسٽارٽ اپ فورم منعقد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن جدت جي ميدان ۾ بهترين تجربن جي مٽاسٽا ڪري سگهجي ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهجن. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سندس ملڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جي امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي. هن واپار جي فروغ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي واپاري طريقيڪار کي آسان بڻائن، واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ تع??ون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. تاجڪستان جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده تع??ون ۽ چٽاڀيٽي جي ذريعي امن ۽ اقتصاد?? ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. هن صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ترڪمانستان جي نائب وزيراعظم راشد مريدوف چيو ته ترڪمانستان واپار، توانائي ۽ رابطاڪاري جي منصوبن ۾ اي?? سي او جي ميمبر ملڪن سان تع??ون کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جي منصوبن جا امڪان تمام وڌيڪ آهن، تنهن ڪري ميمبر ملڪن کي انهن امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر پنهنجي خطاب ۾ روس – يوڪرين جنگ، اسرائيل – فلسطين جنگ، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جي اثرن، شديد موسمي حالتن، سپلاءِ چين جي غيريقيني صورتحال جهڙن چئلينجز ۽ اي?? سي او چارٽر ۾ انهن چئلينجز جي حل تي روشني وڌي. هن چيو ته عالمگيريت سان واپار، سيڙپڪاري، رابطاڪاري، توانائي جي وهڪري ۽ تع??ون جي ٻين طريقن جهڙا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن جن سان اي?? سي او جو خطو فائدو کڻي سگهي ٿو. شنگهائي تع??ون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ چيو ته هڪ وڏي علائقائي تنظيم هجڻ جي ناطي اي?? سي او جي ميمبر ملڪن کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ تع??ون ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن اي?? سي او سيڪريٽريٽ پاران ميمبر ملڪن جي سهولت لاءِ ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته 2025ع کي ”پائيدار ترقي جو سال“ جي طور تي ملهايو ويندو. هن چيو ته اي?? سي او جي ميمبر ملڪن کي رابطن جي امڪانن جو فائدو کڻندي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي حل ڪرڻ گهرجي.