اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل چيني انجنيئرز آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزارت جي ترجما?? ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻن چيني انجنيئرز جي آءِ پي پيز سان سلهاڙيل هجڻ بابت خبرن جي وضاح?? ڪندي چيو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪر?? رهي آهي جنهن ۾ اهو پلانٽ به شامل آهي جنهن تي ٻئي چيني انجنيئر ڪم ڪر?? رهيا هئا. ترجمان ٻڌايو ته ??وت ٿي ويل انجنيئرز آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. ترجمان ٻڌايو ته ان حوالي سان ميڊيا رپورٽن ۾ پيدا ڪيل ڪو به تاثر گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي.