اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪو??ت جي دانشمنداڻي پاليسين سبب روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهي مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي نجي شعبي ۾ قرضن جي گهٽتائي ۽ قرضن ۾ واڌ جي مسئلن کي ??حث هيٺ آڻڻ ۽ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جي طريقيڪار جي حوالي سان رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي ناڻي واري وزير چيو ته ايوان ۾ جلد مع??شي منصوبو پيش ڪندس، روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام بنياد آهي، ماضيءَ ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ۾ دير ڪئي وئي جنهن سان نقصان ٿيو، نجي شعبي جا قرض 470 ارب رپين کان وڌيڪ آهن، مالياتي نظم ۽ نسق ضروري آهي، پنهنجن خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪو??ت جو ڪم ناهي، نجي شعبي کي ??ڳيان اچڻو پوندو، اسان نجي شعبي کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. آءِ ٽي شعبي جو بجيٽ وڌايو ويو آهي. زراعت ۽ ايس ايم ايز جي شعبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪيو آهي، ٽيڪسن جي وصولين جو طريقيڪار آسان ۽ سادو هئڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت ۾ آساني ۽ صارفين کي ??هولت حاصل ٿيندي، ملڪ عطين تي نٿو هلي سگهي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اهو آخري پروگرام هوندو، اسان کي ڍانچه جا??ي سڌارا آڻڻا پوندا، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن جنهن لاءِ اسان پُرعزم آهيون.