لنڊن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ پاڪستان ڄاون برطانو?? پارليامينٽينرينز سان تفصيلي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. دعوت ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڊپٽي اسپيڪر نصرت غني، ياسمين قريشي (ايم پي)، لارڊ قربان حسين، نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، سعيده وارثي، شائسته گوهر، محمد افضل خان (ايم پي)، نسيم شاهه (ايم پي)، عمران حسين (ايم پي)، طاهر علي (ايم پي)، زبير احمد (ايم پي)، عدنان حسين (ايم پي)، محمد ياسين (ايم پي) ۽ ايوب خان (ايم پي) شرڪت ڪئي. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ??َون چونڊيل برطانو?? پاڪستان?? پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏني ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل اُمنگن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. تازين چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانو?? پارليامينٽ جي لاءِ چونڊيا ويا جيڪا برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪستان ڄاون برطانوي شهرين جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن ک?? پاڪستان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين اڳوڻي وزيراعظم ??حمد نواز شريف جي حڪومت دوران پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ ان جو جي-20 ميمبر بڻجڻ جو امڪان هو، دهشتگرديءَ جهڙي لعنت تي پڻ ضابطو آندو ويو هو، پر 2018ع ۾ شروع ٿيل سياسي عدم استحڪام پاڪستان جي اقتصادي رفتار کي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو هو. جڏهن ته گذريل حڪومت جي تحريڪ طالبان جهڙن انتهاپسند گروهن کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي بحاليءَ ج?? پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي، دهشتگرديءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻي. هن چيو ته حڪومت ڪنهن به اندروني يا پرڏيهي عنصرن کي جيڪي سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اِرادي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر کي راهه تان لاهڻ چاهن ٿا، انهن کي هرگز اها اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعما?? ڪيو آهي انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت پاڪستان کي اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي وا??س آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻوڪي حڪومت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي غير مقبول قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿيا آهن، مهانگائيءَ کي سنگل ڊجٽس تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرو?? ڪيو ويو آهي. معاشي سڌارن لاءِ هر پاسي کان ادارن جي سطح تي حمايت موجود آهي ۽ حڪومت طرفان گذريل سال قائم ڪيل خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي توانائي، کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي ڇڪرائي رهي آهي. ڊپٽي وزيراعظم ??ارليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪومت ڪهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻه طرفي وا??ار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ک?? پاڪستان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ويزا فر?? پاليسي متعارف ڪرائي آهي. نائب وزيراعظم ??ندستان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اُٿارڻ تي برطانو?? پارليامينٽرينز جو ٿورو مڃيو.