اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي موقعي ت?? برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چ??و ته نائب وزيراعظم محمد اس??اق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري ت?? برطانيا ۾ آهي، برطانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چ??و ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اس??اق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.