اسلام آ??اد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسميات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ??يڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته موسميات?? تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان موسميات?? تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ موسميات?? تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني ت?? تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان په??و. ناڻي واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تنهن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر منصوبا بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري ??هندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري ??ڻڻ ضروري ??هي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري ??هي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.