پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) ڪوهاٽ ج?? علائقي دره آد?? خيل پراڻي بازي خيل ۾ امجد نالي ش??ص جي گهر جي تهه خاني ۾ برسات جو پاڻي ڀرجڻ سبب 6 ٻارن، 3 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 ڪوها?? مطابق تهه خاني ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب سمورا گهرڀاتي گهر اندر ڦاسي پيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ۽ ڊيزاسٽر ٽيم موقعي تي پهچي سمورن ماڻهن جا لاش تهه خاني ۾ گڏ ٿيل پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.