اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ج?? پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان ج?? سفارتي مشنز جي خلاف (افغان شهرين پاران) تازا حملا ۽ پر??شدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن ج?? پاڪستان ج?? روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي ??و آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمش??ر جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان ج?? دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پناهگيرن ج?? مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.