اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست نه ڏن??، ان پارٽي ۾ شموليت به اختيار نه ڪئي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، ان??را پارٽي الي??شن ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن به جمع نه ڪرائي ۽ الزام الي??شن ڪميشن تي هڻي رهيا آهن، ان??ن لاءِ رڳو اهي معصوم آهن ۽ باقي سڀ قصوار آهن. پي ٽي آءِ جي الي??شن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل جو اظهار ڪندي سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان??را پارٽي چونڊُون توهان ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊيڪلريشن توهان جمع نه ڪرائي، اها سياسي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، اها توهان جوائن نه ڪئي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي طور تي ڊڪليئر ڪرڻ جي درخواست توهان نه ڏن?? ۽ قصوروار الي??شن ڪميشن کي چئي رهيا آهيو، رڳو توهان معصوم ۽ باقي سڀ قصوروار آهن.