اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ قونصلر آفيس اڄ جمعي ڏينهن غيرملڪي معززين جي دوري جي ڪري حفاظتي انتظامن ??بب بند رهندي. پرڏيهي آفيس پاران ج??ري بيان موجب گجرات، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ رابطا آفيسون قونصل?? خدمتن جي لاءِ کليل رهنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ دستاويز جمع ڪرائڻ ۽ جمع ڪرڻ جي لاءِ ڪوريئر سروسز پوسٽل ڪليڪشن پوائن??س پڻ قائم ڪيا ويا آهن. بيان موجب عوام ڊگهي قطارن کان بچڻ جي لاءِ ان سهولت مان فائدو کڻي. پرڏيهي وزارت موجب 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ قونصلر آفيس جي عارضي بندش کانپوءِ معمول جون قونصل?? خدمتون سومر 15 جولاءِ تي فو??ي طور تي ٻيهر شروع ٿي وينديون.