اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسلام آباد اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي آذربائيجان جي صدر جي جهاز ک?? پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. آذربائيجان جي صدر جي جهاز ک?? پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز اسلام آباد تائين حفاظتي گهيري ۾ وٺي ??يا. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي دعوت تي آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي.