اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. نا??ب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام س??ن عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نا??ب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪندا.