آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊمه ڊوله، باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي ??ار??ڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به م??مت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن ??مان ۽ ج??هوريت جا دشمن ??هن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم ??ار??ي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.