اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله ۽ ٻين ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ مارج?? ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر مارج?? ويلن جي مغفرت ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.