اسلام آ??اد-04 جون (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بز??س ٽو بز??س رابطن کي وڌائڻ تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو ??يغ??م ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿيندڙ بز??س ٽو بز??س فورم ۾ پاڪستان ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بز??س ٽو بز??س رابطن کي وڌائڻ تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن تي حڪ??مت جا ٿورا مڃيا آهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي واپارين کان ڪاروبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ان لاءِ کين معاشي بحالي لاءِ حڪ??متي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي واپار ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ سي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪ??مت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپلاءِچين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.