شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين مر??لي جي لاءِ شي??زن پهچي ويو. وزيرا??ظم جو شي??زن هوائي اڏي تي اعليٰ چيني عملدارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن شاندار استقبال ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شي??زن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چين پاڪستان تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيرا??ظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مر??لي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيرا??ظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وفد ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سميت نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاط??ه خواجه پڻ شامل آهن.