اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي، پاڪستان قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار صاف ۽ سرسبز مستقبل جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڌرت??ءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته اڄ پاڪستان سم??ت پوري دنيا ۾ ڌرت??ءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اسان سڀني کي زمين جي حفاظت جي ذميواري جي ياد ڏيارڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هن سياري جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2024ع جو ڌرت??ءَ جو ڏهاڙو Planet vs Plastics جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2040ع تائين پلاسٽڪ جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ آهي، اچو اڄ جي ڏينهن اسان پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جو عزم ڪريون، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال نه رڳو اسان جي ندين، دريائن ۽ سم??ڊن کي گدلو ڪري رهيو آهي پر اهو اسان جي خواڪ ۾ شامل ٿي سڌوسنئون انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي جي اسان جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي تي مضر اثرن ۽ عام ماڻهو جي معاشي سلامتي جي لاءِ خطري جي حوالي سان آگاهي جي کوٽ آهي، هر گذرندڙ سال موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بدلجندڙ موسم، وڌندڙ گرمي پد، بي وقت برسات جي موسم، تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز ۽ انهن سڀني جي نتيجي ۾ قدرتي آفتن سان گڏوگڏ سطح سم??ڊ جي بلندي، سامونڊي گرمي پد ۾ اضافو ۽ قدرتي ماحولياتي نظام جو خاتمو موسمياتي تبديلي جون واضح نشانيون آهن، انهن سڀني عنصرن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي شديد خطرن خاص طور تي اقتصادي خطرا لاڳو آهن، انهي کي نظر ۾ رکندي اسان انهن خطرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پائيدار قدم کڻي رهيا آهيون. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جي حوالي سان موثر قدم کڻي رهي آهي، حڪومت لاڳاپيل وزارتن، صوبائي ماحولياتي ادارن، اسلام آباد انتظاميا، صنعتن ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت ۽ تعاون سان سنگل يوز پلاسٽڪ جي خاتمي بابت ريگيوليشنز 2023ع ٺاهيا ۽ سم??رين وفاقي وزارتن ۾ پولي ايٿائيلين ٽريفٿيليٽ (PET) بوتلن جي استعمال تي مڪمل پابندي هنئي، ڄاڻايل قدم حڪومت جي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني ڪرڻ، پلاسٽڪ جي ڪچري کي گهٽ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ جي ٻيهر استعمال جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ معاشري ۽ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ سان پيدا ٿيندڙ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي استعمال جي مجموعي سطح تي حوصلا شڪني ضروري آهي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي روڪڻ ۾ ڪردار انتهائي اهم آهي، سم??رين ڌرين کي اپيل ڪندس ته اهي اسان جي ملڪ ۽ زمين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته منهنجي پنهنجي سم??رن پاڪستانين کي به اپيل آهي ته اهي ان اهم مشن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، اچو اسان سڀ گڏجي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي رد ڪرڻ، ماحول دوست متبادل جي استعمال، ري سائيڪلنگ ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ ٺوس پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني هجڻ جي ناطي اسان خوش نصيب آهيون جو اسان وٽ خوبصورت جابلو سلسلا، گهاٽا ٻيلا، نديون ۽ ڊگهي سامونڊي پٽ??ءَ آهي، انهن خوبصورت قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ذميواري اسان تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان انهن قدرتين وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ پائيدار، صاف ۽ سرسبز مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو.