مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي ??هر??ن مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي ??هد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي ??هد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي ??هر??ن فيز کي جلد کان جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرق??نو??ي قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي ق??نو??ن جي پاسداري ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي پهچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ??ي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي عمل ??ي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي ??هد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي ??هد قبول ڪري ورتو.