اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊا?? کي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊا?? اردن جي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني عوام شا??ي خاندان ۽ اردن جي عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت رکي ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گهڻ رخي ??عا??ن جي رفتار کي وڌيڪ ??ڳت?? وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي وزيرن فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قابض فوج جي غيرانساني ۽ وحشياڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي. هن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي ۾ بنا روڪ ٽوڪ ۽ اضافي جي ضرورت آهي.