اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواه??ن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد ??واز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ خواه??ن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.