اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي آهي ته هو سيڪيورٽي ه??ءِ الرٽ رکن ته جيئن ووٽرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري سگهجي. جاري بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ـ آءِ جيز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته سيڪيورٽيءَ کي ه??ءِ الرٽ رکيو وڃي ۽ جلد کان جلد مقرري کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ووٽرن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ۽ سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي آفيسن کي محفوظ بڻائي سگهجي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان سان به دهشتگرديءَ جي ٻن افسوسناڪ واقعن تي ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ اهڙ?? واقعن جي روڪٿام ل??ءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن هر قسم جي م??او??ت ڪندي.