اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري صحافي، اي??يٽ?? ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نذير ناجي ڏاهو صحافي ۽ تجزيه نگار هو، هن پنهنجي پوري زندگي صحافت ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي، نذير ناجي جا ڪالم ۽ تجزيا سدائين معلوماتي ۽ ??صي??ت وارا هوندا هئا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نذير ناجي پنهنجي ڪم جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، نذير ناجي مرحوم جي لاڏاڻي سان صحافت جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نذير ناجي جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.