اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، ل??ڳا??يل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي ش??بن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. ن??را?? وزيراعظم ل??ڳا??يل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ل??ڳا??يل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي ش??بن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. ن??را?? وزيراعظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد ن??را?? وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي مخ??لف ش??بن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. ن??را?? وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلتستان ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.