اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان م??ڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن، 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن جي اي??ريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواستون م??ي چڪيون آهن، ال??ڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صحافين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان م??قعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل اي??سٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين ??ان، اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن پاران ال??ڪشن ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخواستون م??ي رهيون آهن. هن چيو ته هيستائين ??يرملڪي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين ??هلي مان به اٽڪل 24 درخواستون م??يون آهن جيڪي عمل جي مرحلي ۾ آهن، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخواستون م??يون آهن، ان کانسواءِ غيرصحافي ڪيٽيگري مان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخواستن تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخواستون غور هيٺ آهن. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواستون م??يون آهن، جن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صحافين کي اي??ريڊيٽيشن ڪارڊ ڏنا ويا آهن جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صحافي شامل آهن. هن چيو ته عالمي صحافين ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي لاءِ اجازتناما ورتا آهن. انهن ٽن وڏن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي صحافي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا به ال??ڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت جا لاڳاپيل ادارا انهن درخواستن تي غور ڪري رهيا آهن. صحافين ??ي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين ??ي حفاظت ڪري، غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل اي??سٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 14 ملڪن مان 81 درخواستون م??يون، جن مان 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته 174 صحافين ??ڳ ۾ ئي اي??ريڊيٽيشن ڪارڊن جي لاءِ درخواستون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن م??ڊيا هائوسز جي لاءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ موجود صحافين ۽ ٻاهرئين م??ڪن مان ايندڙ صحافين ??ان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي صحافي جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان اي??ريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غيرملڪي صحافين ??ي سهولت لاءِ پي آءِ ڊي ۾ ال??ڪشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اي??سٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به ال??ڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، جيڪو صحافين کي سهولتون فراهم ڪندو.