اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بريل رسم الخط ڏسڻ کان محروم ماڻه?? جي لاءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي، بريل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير په?? جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسا?? جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بريل رسم الخط جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻه?? جي علم تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بريل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بريل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان محروم ماڻه?? جي پهچ وڌائڻ طرف پاڪستا?? جي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجاد، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان بريل خ??ان??گي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سطح تي مڃيل ڏسڻ کان محروم ماڻه?? جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي بريل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن تائين پهچ ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بريل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان جامع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن، بريل رسم الخط سان پاڪستان تعليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻه?? جي حق?? جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ??ا، يقين آهي ته گڏجي اسان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.