بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ??يوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي ??يلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان ??مائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائ?? مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي ??ٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ??ڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي ??حلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان ??چ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.