ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تع??يمي ا??تحانن ۽ سڃاڻپ واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. امتحان ۽ تشخيص تع??يمي نظام جا ٿنڀ آهن ۽ اسان کي ا??هن قدمن کي اختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي ا??تمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحان ۽ تشخيص جو نظام“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته وسيع تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آمد سان سڄي دنيا ۾ ت??ليمي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي ا??تحانن ۽ تشخيصي نظام ۾ ان موجب ضروري تبديليون آڻي. تشخيص ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ا??ميت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته امتحان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال تع??يمي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظام ۾ انصاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چيو ته پاڪستان جي تع??ير ۽ ترقي لاءِ معياري تع??يم کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي جڏهن ته ٽي بنيادي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته استاد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو اظهار ڪيو ته ماضي ۾ ت??ليم جي ا??م ترين شعبي تي اڳوڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ ت??ليم، معيشت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت کي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ تشخيص بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي چئلينجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ م??ڪ جي تع??يمي نظام ۾ اهم تبديليون آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.