اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نجڪاري اپيليٽ ٽ??بي??نل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽ??بي??نل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپيليٽ ٽ??بي??نل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس ت??ت وفاقي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نجڪاري اپيليٽ ٽ??بي??نل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ اپيليٽ ٽ??بي??نل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس ت??ت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽ??بي??نل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽ??بي??نل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽ??بي??نل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپيليٽ ٽ??بي??نل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.