اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان جي علائقي در??بن جي پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي در??ن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. سڄي قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ?? جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.