اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لا??ِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لا??ِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني ق??ضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي ا??تظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني ق??ضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لا??ِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظ??م وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لا??ِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني ق??ضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي ا??گ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن کي استعمال ۾ آڻي ا?? چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي ق??م کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ب??يا??ي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي ب??يا??ن تي ضروري ق??م کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.