اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سان صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صحت واري نگران وزير صدر کي صحت جي شعبي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان صدر کي ٻڌايو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽ?? ايجنڊا تحت پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ??يا ??ڃن، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام جاري ڪرڻ سان صحت جي شعبي ۾ مثبت نتيجا ??رآمد ٿيندا. هن چيو ته سڄي ملڪ جي 5 سئو بنيادي صحت جي مرڪزن کي ٻن مهينن جي اندر اپ گريڊ ڪيو ويندو، انهن مرڪزن کي صحت جي عالمي اداري جي تعاون سان اپ گريڊ ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي صحت جي شعبي صحت واري نگران وفاقي وزير جي ويزن ۽ سڌارن کي ساراهيو.