اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ت?? پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بار تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? گڏيل سطح تي قدم کڻڻا پوندا، سموريون ڌريون، لاڳاپيل وزارتون، وزيراعظم آفيس، اين جي اوز، تنظيمون ٺوس موقف اختيار ڪن، ذهني صحت اهم مسئلو آهي، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ٺوس انداز ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. هو ايوان صدر ۾ ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم آفيس اسٽريٽجڪ سڌارا يونٽ جي چيئرمين حسين اسلام سميت ذهني صحت تي ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن جي نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ملڪ جي اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا 60 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، ان صورتحال تي حڪومت، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي جي ت??ظيمن ۽ ميڊيا جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڪامياب آگاهي مهم مان سبق سکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته سکيل سبق کي ذهني صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اء?? استعمال ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ ذهني صحت جي مسئلن سان واڳيل سماجي رويو بدلائڻ جي ??اء?? ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ماڻهن کي معياري مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ??اء?? انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اء?? قدم کڻڻا پوندا. هن چي?? ته ملڪ ۾ ذهني صحت جي پيشيور ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي، مستقبل جي حڪومتن کي اهڙن قدمن کي جاري رکڻ گهرجي. صدر هڪ عالمي اين جي او ۽ پاڪستان جي نجي ميڊيا گروپ جي وچ ۾ ذهني صحت جي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اء?? مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ذهني صحت بابت مدد ۽ آگاهي جي ??اء?? تيار ڪيل ”همراز ايپ“ کي وڌيڪ سگه?? ڏيڻ جي ??اء?? ڪميٽي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ذهني مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي ??اء?? خدمتن کي موثر انداز سان وڌائڻ جي ??اء?? گڏيل نگهداشت جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حسين اسلام وزيراعظم آفيس جي قدم ”همراز ايپ“ بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چي?? ته ذهني مسئلن کان متاثر ماڻهن جي مدد ??اء?? ايپ ڪم ڪري رهي آهي، ضروري خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪري رهي آهي.