??سل??م آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو وي??. تقريب ۾ رشين فيڊريش?? ۾ ??اڪستان جي سفير م??مد خالد جمالي، ر??س ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ سفارتخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري م??مد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊاڪٽر جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ آزادي جي جدوجهد جي تصويري نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو وي??.