اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪشمير عوام جي اخلا??ي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪشمير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ڪشمير جي ??هي??ن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان ??هي??ن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ آ??اد ڪشمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آ??ي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي تر??ي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ڪشمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح تي اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪشمير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.