اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقلي??ن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي ج??اح اقلي??ن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري ن??ران وفاقي وزير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن عالمي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ج?? خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دشمن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي ج??م ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقلي??ن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي ج??اح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقلي??ن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني برابر آهن ۽ برابري ج?? فروغ انتهاپسندي ج?? خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي ج?? خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري ن??ران وفاقي وزير چيو ته رياست سان وفاداري ج?? گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، رياست جي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان پاڪستان جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.