اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي سختي سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين ره?? جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين ره?? جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن ه??ند?? به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي سان اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصاد?? ۽ ??الياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پ??ند??. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ?? اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آه?? ۽ ??ڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.